مڇر ڪالوني سانحي جي جوابدارن کي پنهنجي انجام تي پهچايو ويندو: وڏو وزير

حيدرآباد/سيوهڻ/ڀان سيد آباد(نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجاب جي گورنر  بليغ الرحمان سان گڏ سيوهڻ شريف جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ، پي پي پي اڳواڻ رئيس امان ا لله شاهاڻي ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ، ڊي آئي جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ، ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، ايس ايس پي عمران قريشي ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات رفيق احمد سولنگي پڻ ساڻس گڏ هئا، تفصيل موجب  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر پنجاب سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري  فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ توڙي قوم جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر پنجاب بليغ الرحمان چيو ته عمران خان جو ٻوڏ متاثر علائقن تي ڪو به ڌيان نه آهي پر سندس ڌيان فقط عام چونڊن تي آهي جيڪي پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي تباهي آئي آهي.گورنر پنجاب ٻڌايو ته پنجاب جي خانگي شعبي جي ماڻهن سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 11 هزار راشن بيگس عطيو ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ پڻ مدد ڪئي ويندي،هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي محبت ۽ مهمان نوازي جو شڪريو ادا ڪيو ،جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب جو سيوهڻ جو دورو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري اسان جي عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ آئون پنجاب جي دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي ،سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته صوبي جي ٻوڏ متاثرعلائقن مان پاڻي جي نيڪالي کي جلد کان جلد يقيني بڻايون ته جيئن معمول واري زندگي ٻيهر بحال ٿي سگهي، هن  ٻڌايو ته هن وقت تائين 70 سيڪڙو ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي ٿي چڪي آهي جڏهن ته باقي پاڻي جي نيڪالي تمام جلد مڪمل ٿي ويندي ۽ اسان ربيع جي فصل جي پوکي ڪري سگهنداسين، ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ نوجوانن جي قتل  واري واقعي تي وڏي وزير افسوس جو اظهارڪيو ۽ چيو ته تمام جلد قاتلن کي انهن جي انجام تائين پهچايو ويندو،هڪ سوال  جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هي وقت سياست  کان وڌيڪ عوام جي مدد ڪرڻ جو آهي جڏهن ته پي ٽي آئي جي لانگ مارچ کي پنجاب حڪومت جي حمايت هوندي به اها موٽ نه ملي آهي ،ان کان اڳ منڇر ڍنڍ ويجهو  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب سان گڏ جي متاثرن ۾ راشن ورهايو ،بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب بليغ الرحمان سان گڏ عبدا لله شاهه انسٽيٽوٽ  ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ   جو دورو ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جا مختلف وارڊگهمي ڏٺا ۽ مريضن جي عيادت ڪئي  جنهن کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر پنجاب بليغ الرحمان کي ايئر پورٽ تي الوداع ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.