صدف نعيم فرضن جي ادائيگي ۾ جان جي پرواهه نه ڪئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لانگ مارچ ۾ ٿيل حادثي ۾ خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽر صدف نعيم جي شهادت تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، مرحومه جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڏکين حالتن ۾ پنهنجيون ذميواريون نڀائين ٿا . صدف نعيم کي سلام پيش ڪريون ٿا ، جنهن پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ جان جي پرواهه نه ڪئي. هن دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.