پرويز الاهي ۽ پنڊي جي اهم شخصيت ۾ ملاقات، بيڪ ڊور ڳالهين جي دعويٰ

لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ پنڊي جي اهم شخصيت ۾ ملاقات ٿي آهي، پرويز الاهي بيڪ ڊور ڳالهين جي دعويٰ ڪئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير ۽ اهم شخصيت ۾ بيديان روڊ تي ملاقات ٿي، عمران جي تقرير تي بحث به ٿيو. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي دعويٰ ڪئي آهي ته هر لانگ مارچ دوران بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هوڏانهن ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته عمران خان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي، لانگ مارچ لاءِ هر ضلعي ۾ نئين ٽيم ايندي آهي ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ گجرات ۾ به ترسندا. هن چيو ته جڏهن به لانگ مارچ ٿيا آهن ڳالهيون ته بيڪ ڊور تي ٿينديون اهن ۽ بيڪ ڊور تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.