ٽنڊو ميرلڳ ٽينٽ سٽي جا ٻوڏ متاثردربدر،بکون ڪاٽڻ لڳا، احتجاج

ٽنڊوميرعلي (رپورٽ: تقي محمد ملاح) مهراڻ هاءِ وي  ملڪ چودگي اسٽاپ  ڀرسان قائم ٿيل ٽينٽ سٽي ۾ 3 مھينن کان رهندڙ مسڪين ماروئڙادربدر ٿيڻ کان پوءاحتجاج ڪرڻ تي مجبورسخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون گذريل چئن ڏينهن کان مسلسل سراپااحتجاج آهيون ليڪن ڪو ب ٻڌڻ واروناهي الٽوايم اين اي ۽ايم پي اي جا واٺاڌمڪيون ڏئي رهياآهن ،ان موقعي تي متاثرين ضميرحسين نظام الدين الهدادملاح ۽ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي  چيو ت برساتن سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن 3 مھينن کان اسان ٽينٽ سٽي ۾ پناھ وٺي رھيا پيا آهيون مگرتڪ جوايم اين اي ايم پي چيرمين اسسٽنٽ ڪمشنر ميرواھ ، مختيارڪار ميرواھ ۽ڪوٻيو ھن مھل تائين لڙي ب نہ آيو آهي ن ئي وري  ھن مھل تائين سنڌگورنمينٽ اسان جي سار لڌي آهي اسان سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون اسان جا ڳوٺ دين پور، خوش محمد آرائين، ملڪ چودگي، ڦوٽو خان شر، محمد علي سرويئر، چنگل ملڪ ۽ ٻياھن مھل تائين برساتي پاڻي ۾ جي لپيٽ ۾ڦاٿل آھن مگر حڪومت پاران ڪاب واهر ن ڪئي وئي آهي اسان کي ن راشن ڏنوٿووڃي ۽ن ٻي ڪا سھولت ن ئي وري ڪا ميڊيڪل ڪئمپ آھي اسان جا ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن اسان اعلي اختيارين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ت خداراهڪدم نوٽيس وٺي اسان جي واھر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.