ميھڙ ڀرسان مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ميھڙ(ن ع آ)   ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻيٽو روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربند ڏوھارين جي گشت ڪندڙ بي سيڪشن پوليس پارٽي مٿان فائرنگ ڪئي جڏھن تہ پوليس جي جوابي ڪاروائي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آھن زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ دادو تعلقي جي ڳوٺ يختيار شاھاڻي جو رھواسي امداد ولد عثمان شاھاڻي طور ٿي آهي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھاري وٽان ھڪ پستول ۽ موٽرسائيڪل برآمد ٿي آھي زخمي ڏوھاري کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال بعد لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن تہ موقعي تان فرار ٻين ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي ميھڙ بي سيڪشن پوليس  موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار عادي ڏوھاري آھي سندس بابت ضلعي ۾ موٽرسائيڪل ڦر ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين ڏوھن ۾ ملوث آهي وڌيڪ ضابطي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏھن تہ گرفتار ڏوھاري خلاف 4 داخل ڪيسن جو رڪارڊ ھٿ ڪيو ويو آھي ۽ وڌيڪ ڪرائم رڪارڊ پڻ معلوم ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.