لاڙڪاڻي ۾ چوري جي ڪوشش، گهرڀاتين چور کي پڪڙي ورتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان نامعلوم چورن پورهيت محمد نواز لولائي جي گهر ۾ گهڙي گهر کي تالو لڳائي چوري جي ڪوشش ڪئي، اهڙي سڌ پوڻ تي گهر ڀاتين سجاڳ ٿي هڪ چور کي سوگهو ڪرڻ بعد سندس جا هٿ پير ٻڌي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، ان تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي چور کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان پورهيت احمد علي لولائي ٻڌايو ته 5 مهينا اڳ ساڳين ئي چورن شادي جي تقريب لاءِ شادي هال ۾ گهر ڀاتين سان گڏجي ويل پاڙيسري محمد نواز ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي 5 لک روڪ رقم ۽ 8 تولا سونا زيور چوري ڪرڻ سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊووڪيٽ شاهزيب سوهو جي موبائيل فون ۽ ٽي ڏينهن اڳ امتياز علي چانڊيو جي سولر پليٽ چوري ڪري ويا هئا جن گذريل ڏينهن ڀاءُ جي گهر ۾ گهڙي اندريون ڪڙو ڏئي چوري جي ڪوشش ڪئي جتي اهڙي سڌ پوڻ تي منهنجو ڀاءُ ۽ ان جا گهر ڀاتي سجاڳ ٿي زبير ابڙو نالي چوري کي گرفتار ڪري کيس پوليس حوالي ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ گهرن مان چوري ڪندڙ چورن جو گروهه آهي جنهن خلاف پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر پوليس ڪک ڀڃين ٻيڻو ناهي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.