ماٿيلي ۾ ٽرالر ڪارن جي شوروم ۾ ڪاهي پيو، 6 گاڏين کي نقصان

ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) ميرپورماٿيلو شهر جي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويو رحيم بخش چانڊيو جي ڪارن  جي شوروم ڏانھن ڪاهي پيو 6 گاڏين پنج ڪارن هڪ ٽريڪٽر کي نقصان ٿيو آهي شوروم مالڪ رحيم بخش جو چوڻ آهي ته تقريبن 70 لک رپين کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي ٽرالر ڊرائيورسعيد احمد زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽرالر ڪراچي کان يوريا ڀاڻ کڻي پنجاب طرف وڃي رهيو هو ته کيس حادثو پيش آيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.