ڦل شهر ۾ خوراڪ کاتي جي گدام ۾ پيل ڪڻڪ خراب

ڦل  ( ن ع آ ) ڦل شهر ۾ خوراڪ کاتي جي گدام ۾ پيل ڪڻڪ صفا خراب ڌپ ڪري وئي، ان سلسلي ۾ جڏهن صحافين جي ٽيم گدام تي پهتي ته گدام جا مزدور خراب ڌپ ڪري ويل ڪڻڪ پاچڪن ۾ ڀري رهيا هيا، جن کان پڇيو ويو ته هي ڪڻڪ ڪاڏي پيا موڪليو ته هنن چيو اسان کي خبر ناهي جڏهن ته گدام تي مقرر فوڊانسپيڪٽر يان ڪو ٻيو ذميوار عملدار موجود نه هو شهرين اهڙي خراب ڌپ ڪري ويل ڪڻڪ فلور ملن کي موڪلڻ تي شديد غصي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي ڪڻڪ جو اٽو صحت لاءِ نقصانڪار آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.