نندي ۾ پوليس هٿان کنڀيل ڀائٽي جي آزادي لاءِ عدالت ويندڙ چاچو گرفتار

نندو (ن ع آ)نندي پوليس هٿان سوزوڪي سميت  گرفتار بعد مبينا گم ٿيل  ڊرائيور رياض جمالي جي چاچو غلام حسين جمالي پاران ڀائٽي  جي آزادي لاءِ سيشن جج کي ڏنل درخواست بعد سول جج بدين پاران نندو ٿاڻي تي لڳايل ڇاپي بعد نندو پوليس مذڪره درخواست گذار پيرسن غلام حسين جمالي کي نندو ٿاڻي تي گهرائي ٽماٽن جي ٻج جي چوري ۾ چورن جو سهولتڪار ڄاڻائي فريادي ممتاز نهڙيو  جي ايف آئي آر تي گرفتار ڪري ايف آئي آر نمبر  6922 داخل ڪري ڇڏي هوڏانهن پيرسن ڊرائيورن جي ڀائٽي  اياز جمالي صحافين  سان رابطو تي ٻڌايو ته نندو پوليس بااثر وڏيري جي چرچ تي اسان مسڪينن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو آھي هن وڌيڪ ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ پوليس رياض کي سوزوڪي سميت گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو جنهن جي بازيابي لاءِ چاچي غلام حسين سيشن جج کي درخواست ڏني جنهن بعد سول جج بدين نندو ٿاڻو کي ڇاپو هڻي سوزوڪي بازياب ڪرائي جنهن بعد پوليس رات مسلسل فون ڪئي ته سوزوڪي ٿاڻي تان کڻي وڃو اڄ جيئن چاچو سوزوڪي کڻڻ ويو ته مٿس ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي هوڏانهن نندو ٿاڻي تي موجود ڊيوٽي آفيسر صحافين سان رابطي تي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪندي اهو چيو ته گرفتار غلام حسين جمالي ڏوهارين جو سهولتڪار آھي مٿس ممتاز نهڙيو ٽماٽن جو ٻج چوري ڪرَڻ جي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.