ٽنڊو محمد خان ۾ گرفتار ڪيل منشيات فروش 2 عورتون آزاد

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ اويس حيدر شورو  ) ٽنڊو محمد خان ۾ منشيات خلاف ٻيهر شروع ڪيل آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ سي آئي اي  پوليس طرفان ڪيل ڪاروائين ۾ چيڪنگ دوران حيدرآباد روڊ تي مسافر بس ۾ سوار 2 منشيات فروش عورتن کان مين پوڙي گهٽڪي جا ڪٽا هٿ ڪرڻ تي ٻن ليڊيز پوليس اهلڪارن کي جهيڙو ڪري مارڪٽ ۽ سرعام تشدد ڪندڙ منشيات فروش عورتون گرفتار ڪرڻ کانپوءِ سي آئي اي پوليس ٽنڊو محمد خان بااثر ماڻهن جي مداخلت تي کين آزاد ڪري ڇڏيو آهي ته وري مين پوري گهٽڪي جي مک ڊيلر شهروز شيخ کي پڻ گرفتار ڪرڻ جي بعد حراست ۾ وٺي مداخلت تي آزاد ڪيو ويو آهي ، سي آئي اي پوليس ٽنڊو محمد خان ۾ منشيات خلاف شروع ڪيل آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري آزاد ڪرڻ سان ڪيترائي خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن جيڪي پوليس جي ڪارڪردگي لاءِ بهتر هجڻ بجاءِ خراب نتيجا ڏيئي رهيا آهن ، ٽنڊو محمد خان شهر جي سٽي ٿاڻي ، تعلقي ٿاڻي ، بي سيڪشن پوليس طرفان علائقي جي اندر وري ٻيهر مين پوڙي گهٽڪي جي ڳجھ ڳوھ ۾ شروع ڪيل ڪاري ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪا به گرفتاري ظاهر نه ڪئي ويئي آهي مين پوڙي گهٽڪي جي وڪري ۾ اڳ مشهور منشيات فروش ٻيهر سرگرم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.