فريدآباد لڳ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾تڪرار، احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد درياڻي  چانڊيو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين   ۾ زمين جي مالڪي تان ھلندڙ ٻيھر تڪرار تيز ٿي ويو آهي جڏهن ته ھڪ ڌر ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو  جي رھواسين نور حسين چانڊيو  پيرل چانڊيو  الطاف چانڊيو  مظهر چانڊيو  صدام چانڊيو  ثناء الله چانڊيو  نيشنل پريس ڪلب فريدآباد پھچي احتجاج۽ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھڻندي چيو ته  ميھڙ  پوليس اسان جي مخالفن کان ڳري رشوت وٺي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان جا مخالف پھلوان ، صدام ، سائينداد، مددعلي، حسين ، معشوق ، جيوڻ ، صدام ، شرف الدين، اسد روپوش آهن پر افسوس ڪيسن ۾ گھربل ميھڙ  ڊي ايس پي عبدالوحيد لاڙڪ سان ٻٽ بڻيل آهن، ميھڙ ايس ايڇ او علي اصغر شاھ مخالفن کان ڳري رشوت وٺي ھٿ ٺوڪيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، ھنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.