ڪنب ڀرسان نينگر جو وڻ تي ٽنگيل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

ڪنب (ن ع آ) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيربخش ميرجت واسي 15 سالا نينگر غلام حسن ولد غلام علي ميرجت جو ڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي باغ  مان وڻ  ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آھي  لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو ڪنب پوليس پهچي لاش  تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو  جتان پوسٽمارٽم بعد لاش فوتي نينگر جي سئوٽ خادم حسين حوالي ڪيو۔پوليس موجب ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نينگر  پي ماء کي اڪيلو هو سندس والد پڻ فوت ٿي چڪو آھي جڏهن ته فوتي نينگر کي پنج جريب زرعي زمين پڻ ھئي ۔ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪتل هيو جنهن جو لاش صبح جو ڪيلن جي باغ مان وڻ ۾ ٽنگيل مليو۔جڏهن ته علائقي ۾ نينگر کي ڦاهو ڏئي مارڻ جا چئوٻول آھن ٻي طرف فوتي نينگر جي وارثن جو ڪو به موقف سامهون ناهي آيو۔جڏهن ته رابطي تي ڪنب پوليس موجب ته  فوتي جي وارثن مان ڪو به ٿاڻي تي ناهي آيو۔پوليس مامري جي جاچ ڪري رهي آھي۔جڏهن ته آخري اطلاع تائين  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.