لاڙڪاڻي حادثي ۾زخمي ٿيل عورت اسپتال ۾ فوت، تصويرون وائرل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ مبينا طور روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت علاج دوران فوت ٿي  وئي، سوشل ميڊيا تي پيرسن عورت جي تصوير وائرل ٿيڻ تي وارثن اسپتال پهچي لاش گهر کڻائي ويا آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ مبينا روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل شهر جي ڊي سي هاءِ اسڪول پاڙي جي رهواسڻ 77 سالن جي پيرسن عورت غلام فاطمه زال حيات خان جتوئي علاج دوران فوت ٿي وئي جنهن جو وارثن جو ڏس پتو نه پئجي نه سگهيو هو جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪن بعد سوشل ميڊيا تي فوتي پيرسن جون تصويرون وائرل ٿيڻ بعد فوتي پيرسن عورت جي پٽ سڌير جتوئي اسپتال پهچي پنهنجي پيرسن امڙ جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن تي اسپتال انتظاميه ضروري ڪاروائي بعد فوتي پيرسن جو لاش سندس پٽ حوالي ڪري ڇڏيو جيڪي لاش گهر کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. واضع رهي ته ان کان اڳ فوتي پيرسن جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي جي سپروائيزر اسماعيل کوسو ٻڌايو هو منجهند ڌاري سجاد علي جتوئي نالي نوجوان پيرسن عورت کي زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ علاج لاٰءِ داخل ڪرائي کين ٻڌايو ته پيرسن عورت روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.