هندو پنچائت جي چونڊ، سيٺ سنتوش ڪمار ، لاڙڪاڻو ۽ شهداد ڪوٽ جو صدر ٿي ويو

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) هندو پنچائت ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي، متفقه طور تي ايندڙ پنجن سالن تائين سيٺ سنتوش ڪمار پنجاڻي کي صدر بڻايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هندو پنچائت لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي هندو ڌرم شالا لاڙڪاڻو ۾ سيٺ سنتوش ڪمار پنجاڻي جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ ٻنهي ضلعن جي سمورن تعلقن جي مکي شرڪت ڪندي ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ نئين باڊي جي چونڊ ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊسٽرڪٽ هندو پنچائت لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ لاءِ صدر سيٺ سنتوش ڪمار پنجاڻي، سينيئر نائب صدر ليکراج موٽو مل، نائب صدر مهراج رميش لال، جنرل سيڪريٽري لوڪ چند، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمن لال ڪٽيار، صلاحڪار ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي ۽ خزانچي نانڪ رام بجاج کي مقرر ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.