گڏاپ ۾ پرائمري استاد تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

گڏاپ (ن ع آ) دادو ۾ پرائمري استاد عبدالحفيظ شاهاڻي تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ خلاف ڪراچي ايسٽ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته دادو ۾ بائيو ميٽرڪ اسسٽنٽ فيصل مستوئي استادن سان هروڀرو ناانصافيون ڪري رشوت نه ڏيڻ تي غير حاضر ڄاڻائي رهيو آهي هنن چيو ته استاد عبدالحفيظ ڪيترن ئي سالن کان ريگيولر ڊيوٽي ڪري رهيو آهي ان مٿان ايف آئي آر داخل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا سندن وڌيڪ چوڻ هو ته استاد قابل احترام جي لائق هوندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.