سازش تحت ڪراچي ۾ ڌاريان آباد ڪيا پيا وڃن: علي شاهه ڪاظمي

گلشن اقبال ( ن ع آ) ال اخير فائونڊيشن جي چيئرمين ۽  گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي باني سيد احمد علي شاھ ڪاظمي ۽ عتيق سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ت اسان ھميشه چوندا رھيا آھيون ت ھڪ سازش تحت سنڌ جي راجڌاني شھر ڪراچي ۾ ڌارين کي آباد ڪري ڌرتي ڌڻين لاء ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ڪراچي اندر ڌارين جا ھڪ رات ۾ ڳوٺ آباد ٿين ٿا ۽ انھن کي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن پر جڏھن ڌرتي جا مالڪ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي اچن ٿا ت انھن کي رھڻ نٿو ڏنو وڃي سنڌي نوجوان جڏھن  روزگار ڪرڻ ڪراچي اچن ٿا ت انھن سان مڇر ڪالوني ۽ شھر جي ٻين علائقن ۾ رھندڙ ڌاريا ۽ بي ردر بڻيل ماڻھو مختلف بھانا ڪري سنڌي نوجوانن کي شھيد ڪري ڇڏين ٿا ڪراچي ۾ ھن واقعي کان پھرين ب  ارشاد رانجھاڻي ۽ جاويد راڄپر سميت ڪيترائي سنڌي نوجوان شھيد ڪيا ويا آھن ھنن وڌيڪ چيو ت اسان شھيد نوجوان ايمن جاويد ۽ اسحاق پنھور جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.