جيڪب آباد ۾ مليريا تي ضابطو نه آيو، 2 ٻار فوت، وارث لاش رڪشا ۾ کڻائي ويا

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد ۾ مليريا تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي سول اسپتال ۾ مليريا وگهي ڳوٺ بقا پل واسي 5 ورهين جو خالد حسين رند ۽ صحبتپور واسڻ 7 ورهين جي افسانه فوت ٿي ويا آهن، مليريا وگهي فوت ٿيل ٻارن جي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا پاران فوت ٿيل مريض جي لاش کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولينس مهيا نه ڪئي وئي، جنهن بعد مجبوري ۾ وارث ٻار جو لاش چنگچي رڪشا تي کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا،  ان سلسلي ۾ فوت ٿيل خالد حسين جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پٽ کي مليريا سبب سول اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي وئي، پر اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏني وئي،  مڙهه چنگچي رڪشا تي ڳوٺ کڻائي وڃي رهيا آهيون هوڏانهن ضلعي ۾ مليريا سبب فوتگين ۾ اضافي ٿيڻ باوجود صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان جو نمبر اٽينڊ نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.