لاڙڪاڻي جو ڊي سي ٻين عملدارن سان گڏجي مختلف علائقن ۾ پهتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور ربيع جي فصل جي پوکائي ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ  پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اعجاز احمد لغاري،  پ پ تعلقي صدر اسدالله ڀٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو،  مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال، واپڊا اسڪارپ ۽ آبپاشي کاتو دادو ڪئنال جي انجنيئرن، زراعت کاتي جي عملدار رياض سومرو ۽ ٻين سان لاڙڪاڻي تعلقي جي يونين ڪائونسل آگاڻي، عاقل، ڦل ۽ ٻين يونين ڪائونسل جو دورو ڪري آبادگارن سان ملاقات ڪئي. ، جتي مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن ۽ آبادگارن سان ملاقات ڪئي، جتي آبادگارن ڊپٽي ڪمشنر آڏو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان مسلسل اسان جي يونين ڪائونسل ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري اسين ربيع جو فصل پوکي ڪو نه سگهيا آهيون، جيڪڏهن پوکائي نه ٿي ته اسان جي علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ سان گڏ ڳوٺاڻا معاشي بدحالي جو شڪار ٿيندا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور آبادگارن کي جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته  ان کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ پوري ضلعي جي دوري تي نڪتل آهيان،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.