کوکراپار ۾ مبينا اغوا ٿيل نينگري جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

کوکراپار(ن ع آ)ميمڻ ڳوٺ ۾ نو شھروفيروز جي  ٻوڏ متاثر خاندان جو احتجاج  مبينه طور اغوا ٿيل 14 ورهين جي تهمينه ابڙو ٻه مهينا گذرڻ باوجود نه ملي سگهي ،وارثن طرفان نياڻي جي بازيابي لاءِ ميمڻ ڳوٺ ۾احتجاجي  مارچ  عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان  ڌرڻو، بااثر  حميد کوسو ۽ سندس ساٿي پنج لک ڀنگ گهري رهيا آهن روز فون ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ  باوجود پوليس ڪابه مدد نه ڪري رهي آهي نيگري بازياب نه ٿي ته پاڻ کي ساڙينداسين ،نيگري جي ماءُ امينا ۽ پيء شاهنواز ابڙو جون صحافين سان ڳالهايون  تفصيل موجب نوشهروفيروز جي ٻوڏ ستايل خاندان جي 14 ورهين جي نينگري تهمينه ابڙو مبينا طور گهر مان اغوا ٿيئي 2 مهينا گذري ويا آهن پر انتظاميه اڃان تائين کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي سموري خاندان سان گڏ ست ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين جنهن جي ذميدار سنڌ حڪومت هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.