صالح پٽ لڳ پراڻي بارگاهه بنگلو، هنڌان هنڌا ٽٽي پيو، سامان چوري

صالح پٽ (رپورٽ :  نياز مهر ) صالح پٽ ڀرسان پراڻي بارگاهه 1925۾ قائم ٿيل ايريگيشن جو بنگلو هنڌان هنڌان  ٽٽي ڪري پٽ پئجي  ويو، عملي جي ملي ڀڳت سان سرڪاري بنگلي جو لوھ ،ڇت  جو لوھ ،در دريون، لوھ جا سريعا اوائلي دور جون پڪيون سرون به چوري ٿي ويون، نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت سونهن رکندڙ ناياب نسل جا وڻ جهڙوڪ نم جو وڻ ٻٻر جو وڻ ٽاري جو وڻ سرنهن جو وڻ سنڌي ٻٻر جو وڻ پپل جو وڻ مڪمل طور ختم ٿي ويو، سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جا الزام سامھون اچي ويا ته ان سڄي ڪھاڻي بابت جڏهن اتان جي رهواسين سماجي ورڪرز سيد مظهر علي شاهه، رحيم بخش چنڙ، هيومين رائيٽ تعلقي صالح پٽ جي اڳواڻ غلام علي ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي ايريگيشن جو بنگلو بارگاهه جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو صالح پٽ جي لڳ ٽي ڪلوميٽر پري آهي، هن بنگلي جو چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي بنگلي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽بارگاهه جي نالي سان مشهور ايريگيشن جي بنگلي جي ٻيهر تعمير ڪرائي وڃي ۽ملوث ماڻهن کي وائکو ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.