عوامي حقوق جو اجلاس ، 13 نومبر تي شهيد حسن ناصر جي ورسي ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي ( پ ر ) عوامي حقوق جو توسيعي  عام اجلاس غلام محمد جدون ايڊوڪيٽ جي صدارت هيٺ  ٿي گذريو، جنهن جو خاص مهمان   ڪمال احمد وارثي هو،  اجلاس ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن تي مشتمل  آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ،  حميده گهانگهرو، غلام نبي چانڊيو، عبدالخالق زدران ، علي محمد ميمڻ، واحد بخش ناريجو، ايڊووڪيٽ  شاهده ياسمين ، محسن حيدر، حفيظ چنا، وليم صادق، نذير احمد ڪلثوم جدون،  ايڊووڪيٽ  شاهينه رمضان، اختر بلوچ،فيض اقبال، نادر حسين، ولي محمد ناريجو، ڪاشف احمد، واحد جان بلوچ ، واحد جسڪاڻي ، ياسمين نگار۽ ٻين فيصلو ڪيو ته 13 نومبر 2022 ٽي وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ حسن ناصر شهيد جي ورسي  ملهائي ويندي،   اجلاس ۾ ڪمال وارثي، غلام محمد جدون  ايڊووڪيٽ، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، حميده گهانگهرو ، ڪامريڊ رمضان  ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.