موهن جو دڙو لڳ ناري اغوا، ڪيس داخل، پسند پرڻي جا چئو ٻول

موهن جو دڙو ( ن ع آ )موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي مان 16 سالن جي ناري ناديه ڌي رضا محمد لاکو مبينا طور اغوا ٿي وئي آھي، واقعي جو  اهڙو اطلاع ناري جي وارثن پاران ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس مبينا اغوا ٿيل ناري ناديه لاکو جي اين سي ايئرپورٽ ٿاڻي تي جوابدار محمد ڇٽل ساريو ۽ ٻيا نامعلوم ماڻھن تي داخل ڪئي وئي آھي، هوڏانهن مبينا اغوا ٿيل 16 سالن جي ناري ناديه لاکو جي والد رضا محمد لاکو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن پهريان اسان پنهنجي گهر ۾ ستل هياسين جوابدار محمد ڇٽل ساريو ٻيا نامعلوم جوابدار گهر ۾ داخل ٿي منهنجي 16 سالن جي ڌي ناديه کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن،هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جوابدار پهريان مون کي ڌمڪي ڏني هئي ته تنهنجي ڌي کي اغوا ڪنداسين،پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ناري اغوا ناهي ڪئي وئي هن ساڳئي ڳوٺ ٻنڊي جي رهواسي نوجوان محمد ڇٽل ساريو سان نڪاح ڪيو ويو آهي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول به هلي رهيا آھن ته 16 سالن جي مبينا اغوا ٿيل ناري ناديه لاکو محمد ڇٽل ساريو سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.