وڳڻ ۾ سياسي سماجي ڌرين جو سماجي برائين ۽ بدامني خلاف احتجاج

وڳڻ ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران سماجي برائين ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهر جي سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن حفيظ پٺاڻ، قاري محمد عثمان، ممتاز وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پراڻي بس اسٽاف کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڳڻ ٽائون ۾ سرعام جوا جا اڏا هلڻ ۽ منشيات جو وڪرو معمول ٿي ويو آهي، پر پوليس ڪارروائي بدران منٿيلون وٺڻ ۾ پوري آهي.

سندن چوڻ هو ته سماجي برائين سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، آئيس، ھيروئن، چرس ۽ ٻيون نشي واريون شيون واپرائڻ سبب ڪيترن نوجوانن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني به چوٽ چڙهيل آهي، ماڻهن جون جانيون ۽ مال غير محفوظ ٿي ويو آهي.

اڳواڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.