سياري ۾ گوڏن جي سور مان ڇوٽڪارو جو حل

هڪ ته ٿڌ مٿان وري گوڏن ۾ سور، اهڙي دانهن توهان گهڻي ماڻهن جي واتان ٻڌي هوندي، سڀني سورن جي قسمن جيان ٿڌ ۾ گوڏن جي تڪليف ۾ به واڌ عام ڏٺي ويندي آهي. اهڙي مريضن لاءِ خوراڪ پنهنجي مخصوص انداز ۾ اثر ڪندي آهي. ان سان گڏ طرز زندگي جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي.

گوڏن جي سور مان ڇوٽڪاري لاءِ هيٺين شين تي عمل ڪري انهن مان جند ڇڏائي سگهجي ٿي.

ورزش

ڏينهن جي شروعات ۽ خاتمو هلڪي ڦلڪي ورزش سان ڪيو، اهڙي ورزش جيڪا توهان جي گوڏن تي اثر انداز نه ٿئي، لڳاتار هڪ ئي قسم جي ورزش کان پاسو ڪيو، ورزش ۾ ٿوري گهڻي فرق جو خيال رکيو وڃي.

گوڏن جي پوزشن

لڳاتار ويهڪ ڪرڻ يا بيهڻ کان پاسو ڪيو، جيڪڏهن توهان ويهي ڪم ڪندا آهيو ته ٿوري ٿوري دير کانپوءِ پنهنجي جاءِ تان اٿڻ جو عمل ڪندا رهو. فرش تي ٻُهاري ۽ پوچي لڳائڻ دوران کاٻي توڙي ساڄي هٿ ٻنهي جو استعمال ڪيو ته جيئن هڪ ئي انداز واري ڪم کان بچي سگهجي.

ذهني دٻاءَ کان بچو

ٽينش، ذهني دٻاءَ جو شڪار ماڻهو وڌيڪ مقدار ۾ ڪيلشيم جذب ناهي ڪري سگهندو، جيترا به ڪيلشيم وارا کاڌا استعمال ڪيا وڃن ان جو رڳو ڏهه کان پندرهن سيڪڙو ئي جذب ٿيندو آهي. جنهن جو اثر توهان جي عمر، صحت، طرز زندگي سميت ذهني ڪيفيت تي به ٿيندو آهي.

ڪيلشيم واريون خوراڪون

اهڙي خوراڪ جو استعمال ڪيو جنهن ۾ ڪيلشيم ججهي مقدار ۾ موجود هجي. جهڙوڪ مغزيات، ميوا، تيل وارا ٻج، سويا مصنوعات، ثابت ان، سبزيون، مڇي، کير ۽ ٻيون کير واريون شيون وغيره.

نه کائڻ واريون شيون

اهڙي کاڌن کان پرهيز ڪيو جن جي استعمال سان ڪيلشيم ضايع ٿي وڃي. ان ۾ ڪيفين، چانهه، چاڪليٽ، سوڊا واٽر، بازاري شربت، اڇي کنڊ ۽ سگريٽ ڇڪڻ. جيڪي هڏن کي نقصان پهچائيندا آهن.

انهن سڀني شين جي ڪري گوڏن جو سور ٿيندو آهي، گوڏن جي سور کان بچڻ لاءِ ته انهن ڳالهين تي عمل ڪري سگهجي ٿو پر جنهن کي اڳواٽ ئي ڳوڏن ۾ سور آهي انهن جي لاءِ ڪجهه ٽوٽڪا ٻڌائجن ٿا جن تي عمل ڪري گوڏن جي سور مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو.

نمبر هڪ

اصغن ناگوري، چاپ کنڊ، سنگهاڙا ۽ سورنجاڻ شيرين پنجاهه پنجاهه گرام وٺي سڀني کي ملائي پيهي پائوڊر بڻايو. ان جو هڪ چمچو صبح هڪ چمچو شام جو کير سان گڏ استعمال ڪيو. جيڪڏهن اهي شيون توهان جي گهر ۾ پيسجي نه سگهن ته انهن کي پساري وٽان سولائي سان پيسائي سگهجي ٿو. ان جو فائدو ته جلد ٿيندو پر ٻن مهينن تائين لڳاتار استعمال ڪرڻ گهرجي.

نمبر ٻه

سورنجاڻ شيرين، قسط شيرين، اسغن ناگوري هڪ هڪ چمچو، ثابت اسپنگر جي دهي اڌ چمچو، مڱيرن جو پائوڊر ٻه چمچا سڀني کي ملائي اڌ اڌ چمچو صبح ۽ شام جو استعمال ڪيو.

نمبر ٽي

جاڻ جو تيل، زيتون جو تيل ۽ ڪلونجي جو تيل هڪ جيترو کڻي انهن کي هلڪو گرم ڪري ان ۾ آمبا هيڊ هڪ چمچو ملايو ۽ شيشي جي بوتل ۾ رکو. ان ٽنهي تيلن کي روز رات جو لڳائڻ سان گوڏن جو سور ختم ڪري سگهجي ٿو. ياد رکو ته تيلن کي رڳو گرم ڪرڻو آهي پچائڻو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.