زولو قبيلي جي سردار جي بادشاهي قبول

ڏکڻ آفريقا جي تاريخ ۾ اڻويهه سئو ايڪهتر کانپوءِ پهريون ڀيرو زولو قبيلي جي نئين بادشاهه کي حڪومت قبول ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اٺيتاليهه سالن جي مسوزولو کي آگسٽ ۾ هڪ روايتي جشن ۾ ڏکڻ آفريقا جي سڀ کان وڏي نسلي گروهه جي بادشاهه جو تاج پارايو ويو هو پر سرڪاري وسيلن ۽ مدد تائين مڪمل پهچ جي لاءِ حڪومت طرفان به کيس قبول ڪرڻ جي ضرورت هئي.

پر هاڻي ڏکڻ آفريقا جي صدر سيرل رامافوسا طرفان زولو بادشاهه کي قبول ڪرڻ کانپوءِ عوام ۽ عدالتن جي وچ ۾ هلندڙ ڊگهي عرصي واري جنگ ختم ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڇنڇر واري ڏينهن حڪومت طرفان زولو جي نئين بادشاهه کي تسيلم ڪرڻ جي لاءِ بادشاهه کي باقاعدي طور سند به ڏني وئي، ان موقعي تي هزارين جي انگ ۾ زولو قبيلي جا ماڻهو گڏ ٿيا جن کي پنهنجي ڪلچر واري پوشاڪ پهريل هئي ۽ هنن پنهنجي بادشاهه کي قبول ڪرڻ جو جشن ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.