صدف ڪنٽينر تي مقرر گارڊن طرفان ڌِڪو ڏيڻ سبب فوت ٿي: ساٿي رپورٽر جي دعويٰ

 

ڪامونڪي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڪنٽينر تان ڪِري فوت ٿيندڙ عورت رپورٽر جي ساٿي رپورٽر جو چوڻ آهي ته صدف جي شهادت ڪنٽينر تان ڪِرڻ سان نه پر ڪنٽينر تي مقرر گارڊن طرفان ڌڪو ڏيڻ سبب ٿي.

صدف نعيم جي ساٿي رپورٽر افضل سيال چيو آهي ته صدف عمران خان جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، صدف ڪنٽينر جي دَر جو هينڊل پڪڙي ورتو هو پر گارڊ کيس ڌڪو ڏنو، جنهن تي هوءَ آهستي آهستي ڪنٽينر جي ڦيٿن ۾ اچي وئي.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان اچي نجي ٽي وي جي رپورٽر صدف نعيم فوت ٿي وئي هئي، جنهن سبب عمران خان مارچ روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.