اها فلم جنهن کي ڏسندي اسڪرين ڇڏڻ واڪ ئي نه ٿيندي

ان فلم کي رليز ٿئي ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي پر ان ۾ جيڪا ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي اها حقيقت ۾ اسان جي مستقبل جي گهڻي حد تائين سچي اڳڪٿي ثابت ٿي آهي.

اڻويهه سئو اٺانوي جي فلم دي ٽرومين شو ۾ ناليواري اداڪار جم ڪيري مک ڪردار ادا ڪيو هو.

اها سائنس فڪشن ڪاميڊي فلم آهي ته رڳو هڪ سئو ٽي منٽن جي پر ان ۾ ڪيترائي موضوع جهڙوڪ ميڊيا ۽ ٽي وي سان اسان جو تعلق، وڏي ڪمپنين طرفان اسان جي زندگين تي ڪنٽرول ڪرڻ وغيره اچي وڃي ٿو.

اها فلم نوي واري ڏهاڪي ۾ انوکي هئي پر اڃا تائين هاڻوڪي حالتن جي حوالي سان لڳندي آهي ڇو ته سوشل ميڊيا خانگي ۽ عوامي زندگي کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي.

اها فلم ڏسندڙن جي من ۾ پنهنجي زندگي بابت سوال ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيندو آهي جڏهن ته هاڻوڪي حالتن جي حوالي سان ماڻهن جي زندگي تي ڪهڙي طريقي سان نظر رکي پئي وڃي، ان مان اهي به اشارا ملن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.