لانگ مارچ ۾ ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب پوليس اهلڪار فوت

 

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڊيوٽي دوران پوليس ڪانسٽيبل لياقت علي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

پوليس موجب ڪانسٽيبل لياقت علي پنجاب پوليس جو ڊرائيور هو ۽ لانگ مارچ سان گڏ ڊيوٽي ڪري رهيو هو.

واضح رهي ته ان کان اڳ لانگ مارچ ۾ ڪوريج لاءِ موجود نجي ٽي وي چئنل جي رپورٽر صدف نعيم به ڪنٽينر هيٺان هيٺان اچي فوت وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.