تازو دفنايل ٻارڙي جي قبر مان سندس مٿو غائب، پوليس پاران جاچ شروع

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هفتو اڳ دفنايل ٻارڙي جو مٿو قبر مان گم ٿي ويو آهي.

ڇهين درجي جي شاگردياڻي ڪرتيڪا مٿان بجلي جو پول ڪري پيو هو جنهن سبب هو زخمي ٿي پئي هئي، ٻارڙي 9 اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان جهيڙيندي 14 آڪٽوبر تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

ڪرتيڪا کي 15 آڪٽوبر تي رسمون ادا ڪري دفنايو ويو هو جڏهن ته سندس وارثن ڪجهه ڏينهن بعد قبر ۾ ڪجهه غير معمولي محسوس ڪيو ته پوليس کي اطلاع ڪيو.

پوليس شڪايت داخل ٿيڻ بعد ضلعي جي ميڊيڪل کاتي جي آفيسرن ۽ ضلعي روينيو کاتي جي عملدارن سان گڏ جاچ شروع ڪئي. قبر کوٽي وئي ۽ اختيارين ڏٺو ته ڇوري جو مٿو موجود نه هو.

پوليس کي پڪ آهي ته واقعي ۾ ڪو نه ڪو ملوث آهي ۽ جڏهن ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.