مراد علي شاهه جو پنجاب جي گورنر سان گڏ سيوهڻ جو دورو، قلندر تي حاضري

 

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر سان گڏ سيوهڻ جو دورو ڪري ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو ورتو ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سيوهڻ تعلقي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هنن ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال جو جائزو ورتو.

ٻنهي حضرت لعل شهباز قلندر تي مزار حاضري ڀري  فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ توڙي قوم جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري.

سيد مراد علي شاهه ۽ بليغ الرحمان عبدا لله شاهه انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جو به دورو ڪيو ۽ مختلف وارڊ گهمي مريضن جي عيادت ڪئي.

بعد ۾ سيد مراد علي شاهه پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان کي ايئر پورٽ تي الوداع ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.