ڪوشش ڪنداسين ته ڪاميابيءَ جو سلسلو برقرار رکون: شاداب خان

 

پرٿ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان چيو آهي ڪوشش ڪنداسين ته ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابيءَ جو سلسلو برقرار رکون.

پرٿ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاداب خان چيو اسان کي خبر هئي ته شروعاتي ٻن ميچن ۾ جيڪا ڪارڪردگي رهي، ٽيم ان کان بهتر آهي، ٻنهي ميچن ۾ ويجهو اچي فنش نه ڪري سگهياسين، ميچون هارائڻ باوجود وڌيڪ حصو اسان حاوي رهياسين.

هن چيو ته بابر اعظم نه رڳو ورلڊ ڪلاس پليئر پر سٺو انسان به آهي، غلطيون ٿي وينديون آهن، ورلڊ ڪلاس پليئر جي فارم هڪ شارٽ جي فاصلي تي هوندي آهي، پريشاني جي ڳالهه ناهي.

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان اڄ نيڌرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان هارائي ميگا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.