عمران خان پاران رات جو ڪارا چشما پائڻ جو سبب سامهون اچي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي رات جي وقت ڪارو چشمو پائڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سينيئر صحافي حامد مير هڪ وڊيو ڪلپ تي تبصرو ڪندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته رات جي وقت ڪارو چشمو ڇو؟

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيئرمين عمران خان جي ڪاري چشمي پائڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

فواد چوڌري حامد مير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ڇاڪاڻ ته سامهون وڏي لائيٽن واري ڪار آهي ان ڪري ايترا ڪلاڪ بيهڻ آسان ناهي“.

واضح رهي ته عمران خان جڏهن لاهور کان شروع ٿيندڙ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر تي پهچندو آهي ته اڪثر ڪارا چشما پهريل هوندا اٿس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.