ٽويٽر جي جهرڪي اسان جي مرضي موجب اڏامندي: يورپي يونين

برسلز(ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اندروني مارڪيٽ ڪمشنر چيو آهي ته يورپ ۾ ٽوئيٽر پکي يورپي يونين جي ضابطن موجب اڏامندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي يورپي يونين جي اندروني مارڪيٽ ڪمشنر ٽوئٽر جي مالڪ ايلون مسڪ کي خبردار ڪيو آهي ته يورپ ۾ ٽوئٽر کي يورپي يونين بلاڪ جي ضابطن تي عمل ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته ايلون مسڪ هڪ ڏينهن اڳ ٽوئيٽر جي آفيس پهتو ۽ ڪمپني جو باضابطه ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو، جڏهن ته هن آفيس ۾ پهچڻ جي پهرين ڏينهن ئي ٽن اهم آفيسرن کي برطرف پڻ ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.