ڪينيا ۾ ارشد شريف جي ميزباني ڪندڙ ڪراچي واسين جو پاڪستاني جاچ ٽيم کي اهم بيان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ پاڪستاني آفيسرن فائرنگ جي واقعي ۾ معجزاڻي طور بچي ويل ڪراچي جي شهرين وقار احمد ۽ خرم احمد کان ڪينيا ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جاچ ٽيم ٻنهي ڀائرن خرم احمد ۽ وقار احمد کان واقعي بابت سوال ڪيا.

ذريعن موجب وقار احمد ٻڌايو ته ڪنهن دوست ارشد شريف جي ميزباني جو چيو هو، ارشد شريف منهنجي گيسٽ هائوس تي ٻن مهينن کان رهي رهيو هو، نيروبي کان اڳ ارشد شريف سان رڳو هڪ ڀيرو کاڌي تي ملاقات ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وقار احمد ٻڌايو ته نيروبي کان ٻاهر پنهنجي لاج تي ارشد شريف کي کاڌي جي دعوت ڏني هئي، واقعي جي ڏينهن ارشد شريف لاج تي گڏ ماني کاڌي، پوءِ ارشد شريف منهنجي ڀاءُ خرم سان گڏ گاڏي ۾ نڪتو، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ گاڏي تي فائرنگ جو اطلاع آيو.

ذريعن موجب خرم احمد ٻڌايو ته لاج مان نڪرڻ کانپوءِ 18 ڪلو ميٽر رستو ڪچو آهي ۽ پوءِ روڊ شروع ٿئي ٿو، روڊ شروع ٿيڻ کان ٿ ورو اڳ ڪجهه پٿر رکيل هئا، پٿرن تان ڪراس ڪندي ئي فائرنگ شروع ٿي وئي، فائرنگ کان ڊڄي گاڏي ڀڄائي.

وقار احمد جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته خرم فائرنگ جي واقعي دوران معجزاڻي طور محفوظ رهيو، ارشد شريف جي استعمال هيٺ آءِ پيڊ ۽ موبائل فون ڪينين اختيارين حوالي ڪري ڇڏي آهي.

ٻنهي ڀائرن جاچ آفيسرن کي ٻڌايو ته ارشد شريف نيروبي منتقل ٿيڻ جو سوچي رهيو هو ۽ ان لاءِ هن ويزا جو مدو به وڌرايو.

واضح رهي ته ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن تي ٻڌل ٻه رڪني ٽيم جاچ لاءِ ڪينيا ۾ موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.