لانگ مارچ:پيمرا چئنلن لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي پي ٽي آءِ  لانگ مارچ جي لائيو ڪوريج ۽ تقرير بابت چئنلز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.پيمرا طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته لانگ مارچ دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي تقريرن تي تاخيري نظام لاڳو ڪيو وڃي.تاخيري نظام لاڳو نه ڪندڙ ٽي وي چئنلز جا لائسن معطلي سميت قانوني ڪارروائي ٿيندي.پيمرا جو چوڻ آهي ته سمورا چئنل ادارن کي بدنام  ڪندڙ مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن، اعليٰ عدالتي  حڪم ۽ پيمرا قانون موجب لائيو ڪوريج ۾ رنڊڪ وجهڻ گهرجي.پيمرا  جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهنجي ٽرانسميشن ۾ مشاهدي ۾ آيو ته تقريرن ۾ رياستي ادارن خلاف بيان لائيو نشر ٿيا، هي ضابطه  اخلاق ۽ اعليٰ عدالتن جي حڪمنجي ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.