لانگ مارچ خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م د) وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن علي امين گنڊاپور جي مبينا آڊيو ليڪ جي بنياد تي داخل ڪئي ويندي.مبينا آڊيو ليڪ موجب لانگ مارچ ۾ هٿياربند جٿا آندا پيا وڃن، جنهن سان رتوڇاڻ جو خدشو آهي.ذريعن موجب پٽيشن ۾ سپريم ڪورٽ کي لانگ مارچ دوران امڪاني رتوڇاڻ کان آگاهه ڪيو ويندو، حڪومت طرفان درخواست جي تياري  جوڪم شروع  ڪيو ويو آهي ۽ جلد سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.