گولاڙچيءَ ۾ بدامني، چوريون، ڦرون عام، شهرين جو ڌرڻو

گولاڙچي(ن ع آ) گولاڙچيءَ ۽ ڀرپاسي چوريون، ڦرون ۽ ٻيون وارداتون وڌي ويون، پوليس اکيون پوري ڇڏيون، شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري  ڪراچي بدين روڊ بند ڪري ڇڏيو،  ان سلسلي ۾ اڪرم ميمڻ، اشفاق آرائين، محمد دين ڀٽي، ظهير ميمڻ، محبوب شاھ، حبيب کوکر ، رياض چانڊيو ۽ ٻين چيو ته گولاڙچي ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي ويئي آهي، چوري ۽ ڦرن جو وارداتون روزجو معمول بڻجي ويون آهن، دانهون ڪري ٿڪا آهيون، پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري، پوليس وٽ شڪايت کڻي وڃون ٿا، پر هر دفعي ٺلها آسرا ڏيئي واپس موڪليو وڃي ٿو. ھنن چيو ته جڏهن کان ايس ايڇ او گولاڙچي سيٽ سنڀاري آهي وارداتون وڌي ويون آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڏياريون وڃن. گولاڙچي پوليس عملدارن پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.