تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي جي سپرنٽينڊينٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري

خيرپور (  س ر   ) خيرپور جي فرسٽ اسسٽنٽ سيشن سول جج مس سونيه اعواڻ جي عدالت هڪ ڪيس ۾ مسلسل غير حاضر رهڻ تي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي جي ميڊيڪل سپرنٽينڊينٽ ڊاڪٽر نيازعلي ۽ ٻن سپاهين رمضان علي گوپانگ ۽ لطف علي سيال جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن فرسٽ سول جج مس شبانه عرف عشا سهتو جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پبلڪ هيلٿ خيرپور جي ايگزيڪيوٽو انجنير، ميونسپل ڪاميٽي خيرپو جي ايڊمنسٽريٽر ۽ تعلقه مختيارڪار خيرپور خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

  • اوٻاوڙي مان منشيات هٿ، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (ن ع آ)اٻاوڙي پوليس گشت دوران هڪ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي،درگاھ پير عيدو شھيد وٽان ھڪ جوابدار خدا بخش ولد مينھون خان رند ويٺل چوڪ ماڙي اٻاوڙوکي 1270 گرام چرس ۽ 400 روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي برآمد چرس سميت ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ سندس خلاف گناھ نمبر 218/2022 قلم 9C نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. اٻاوڙو پوليس جي ٻي ڪاروائي ڪندي نيشنل ھائي وي لڳ ڏھر مائينر پل وٽان ھڪ جوابدار الله بخش عرف بخشو ولد غلام ياسين رند ويٺل ڳوٺ غلام قادر رند کي 1150 گرام چرس ۽ 300 روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي برآمد چرس سميت ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ سندس خلاف گناھ نمبر 219/2022 قلم 9C نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

  • ڪنڌرا ۾ چور پورهيت جي گهر مان موٽرسائيڪل ڪاهي فرار

ڪنڌرا (ن ع آ )ڪنڌرا جي پاڙي گلاب ٻرڙو ۾چور صحافي والي ڏنو ٻرڙي جي سالي محمود ٻرڙي جي گھر ۾داخل ٿي ون ٽو فاءِ موٽر  سائيڪل ڪاري رنگ جي ڪاھي فرار ٿي ويا،پيرا پاڙي کان ٻاھر نه نڪتا، شھر ۾ بدامني وڌڻ لڳي، پوليس خاموشي اختيار ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.