ور شهر ويجهو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، احتجاج

گھوڙاٻاري (رپورٽ: امير شاهه ڀاڏائي ) گھوڙاٻاري ور شهر ويجھو ڳوٺ محمد ڳورئي ٻروچ گذريل 30 سالن کان بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهي ڳوٺاڻن جمن ٻروچ، سوڊو ٻروچ، نورو ٻروچ، گل محمد ٻروچ، الله  بخش ٻروچ ز عبدالڪريم ٻروچ، محمد يوسف ٻروچ، مولا بخش ٻروچ، خدا بخش ٻروچ، رسول بخش، رمضان ٻروچ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جو ڳوٺ محمد ڳورئي ٻروچ ھن جديد دؤر ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم آهي ڳوٺ ۾ اسڪول ناهي جنهن سبب اسان جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آھن ڳوٺ ۾ پاڻي گئس بجلي ۽ مڙني سھولتن جي کوٽ آهي ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا صرف ووٽ وٺي ڪوڙا ڏٽا ڏئي ھليا وڃن ٿا پوءِ وري ڪڏهن سار ئي ڪون ٿا لھن ھنن چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي ته بنيادي سهولتون اسان جو حق آهي ڳوٺ محمد ڳورئي ٻروچ کي سموريون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان مالوند ماڻھون آھيون اسان جو گذر سفر مال تي ھلي ٿو مال ۾ بيماري پئجي وئي آهي جنهن سبب اسان جا ڪيترائي ڍور مري ويا آهن ،هنن چيوته لکين رپين جون سرڪاري دوائون ۽ سرڪار طرفان آيل مال لاءِ چارو ڀوھ اھو به من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عطا ميمڻ سندس نجي اسٽور جيڪو ور شهر ۾ آھي ان تي سرڪار پاران آيل دوائون ۽ ويڪسين پئسن عيوض وڪرو ڪري ٿو جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته وٽنري ڊاڪٽر عطا ميمڻ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.