آئل اينڊ گئس ڪمپنين جي منافعي ۾ 35.1 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڪمپنين جي منافعي ۾ جاري ڪئلينڊر سال جي پهرين 9 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 35.1 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪمپنين جي مالي بيانن مطابق جنوري کان سيپٽمبر 2022ع تائين جي مدي ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين کي 2 لک 19 هزار 274 ملين رپين جو فائدو ٿيو آهي. جيڪو گذريل سال جي هن عرصي جي ڀيٽ ۾ 35.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال جي هن عرصي ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين کي 16 لک 2 هزار 256 ملين رپيا منافعو حاصل ٿيو هو. انگن اکرن مطابق ڪئلينڊر سال جي ٽين ٽه ماهي ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين کي هڪ لک هڪ هزار 30 ملين رپين جو منافعو حاصل ٿيو هو، جيڪو گذريل سال جي هن عرصي جي ڀيٽ ۾ 55.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح جاري ڪئلينڊر سال جي ٻي ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ ٽين ٽه ماهي ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين جي منافعي ۾ 173.1 سيڪڙو اوسر رڪارڊ ڪئي وئي.

  • ٽرانسپورٽ خدمت جي روانگي واپار ۾ پهرين ٽه ماهي دوران 76 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد (اي پي پي ) ٽرانسپورٽ خدمت جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي 76  سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان سيٽپمبر تائين جي مدي ۾ ٽرانسپورٽ خدمت جي روانگي واپار سان ملڪ کي 264 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ٽرانسپورٽ خدمت جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 150 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو.

  • نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ٽيڪس کانپوءِ منافع ۾22 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد (اي پي پي) نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ٽيڪس کانپوءِ منافعي ۾ جاري ڪلينڊر سال جي پهرين 9 مهينن ۾ سالياني  بنيادن تي 22 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. بئنڪ طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع مالياتي بيان موجب جنوري کان سيپٽمبر جي مدي ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي 19203 ملين روپين جو ٽيڪس کانپوءِ منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل سال جي انهي مدي ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي 24532 ملين روپين جو ٽيڪس کانپوءِ منافعو حاصل ٿيو هو، انهي مدي ۾ بئنڪ جي في حصص آمدني 9.03 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ 11.53 روپيا هئي، انگن اکرن موجب ڪلينڊر سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي 6997 ملين روپين جو ٽيڪس کاپوءِ منافعو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال جي انهي مدي ۾ نيشنل بئنڪ کي 7552 ملين روپين جو ٽيڪس کانپوءِ جو منافعو حاصل ٿيو هو، ٽئين ٽه ماهي ۾ بئنڪ جي في حصص آمدني 3.29 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

  • ريلوي واري وفاقي وزير جو هرڪ پل جي بحالي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق هرڪ پل جي بحالي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو  آهي. وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ چئن سالن کان التوا ۾ سبي هرنائي سيڪشن جي ٽن مهينن ۾ تڪميل جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم انفرا اسٽرڪچر ارشد سلام خٽڪ جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد جلد گوادر جو دورو ڪري معاملن کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائيندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا جي عوام لاءِ سٺي خبر اها آهي ته نومبر ۾ جعفر ايڪسپريس کي مڇ تائين بحال ڪرڻ ۽ مڇ کان مسافرن کي روڊ ٽرانسپورٽ ذريعي ڪوئيٽا پهچائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ريلوي پوليس جي ڪيپيسٽي بلڊنگ بهتر انداز ۾ ڪئي ويندي. پاڪستان ريلوي فريٽ ٽرانسپورٽيشن ڪمپني کي آمدني وڌائڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي ۽ ان ڏس ۾ مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته ڪمپني ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ نوجوان ريلوي آفيسرن ۽ مارڪيٽ کان به پروفيشنل ماڻهن جي انڊڪشن ڪئي ويندي.

  • زرعي ۽ ٻين ڪيمڪلز جي آمدني واپار ۾هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد (اي پي پي) ملڪ ۾ زرعي ۽ بين ڪيمڪلز جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال  جي پهرين ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. قومي شماريات اداري ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان سيٽپمبر تائين جي مدي ۾ زرعي ۽ ٻين ڪيمڪلز جي آمدني واپار تي 2469 ملين ڊالر جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ زرعي ۽ ٻين ڪيمڪلز جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 2435 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو.

  • ڀارت، اتر پرديش ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب چار ماڻهو فو

نئين دهلي (اي پي پي) ڀارتي جي اتر پرديش رياست ۾ چانهن پيئڻ سبب ٻن ٻارن سميت چار ماڻهو فوت ٿي ويا،اتر پرديش جي پوليس ٻڌايو آهي ته واقعو مين پوري ضلعي ۾ پيش آيو جٿي چانهه پيئڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿيا، فوت ٿي ويلن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن، پوليس فوت ٿي ويل جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪندي چانهه پتي ، کير ۽ ٻيون شيون قبضي ۾ ورتيون آهن، علائقي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته چانهه پتي ۽ ڪيڙي مار دوا جو پيڪٽ هڪ جهڙو هجڻ سبب هڪ ٻار غلطي سان چانهه ۾ پتي بدران ڪيڙي مار دوا جو استعمال ڪيو جڏهن ان جي ماءُ چانهه ٺاهي رهي هئي جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.