ملير ۾ پوليس پاران مقابلي ۾ 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ملير(ڊ.ر) قائدآباد پوليس جو ڦورو گروپ سان مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٽ ۾ چار جوابدار گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، ان موقعي تي ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته پوليس  کي اطلاع مليو ته پنج جوابدار شيرپائو قبرستان ڀرسان روڊ تي ڦر جي واردات ۾ مصروف آهن جڏهن پوليس پهتي ته جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.هڪ ڦورو سرينڊر ڪيو جڏهن ته هڪ جوابدار موٽرسائيڪل تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ فاروق ولد قاسم، شهباز ولد يوسف، امجد ولد شاهد ۽ ناصر عرف آصف ولد محبوب طور ٿي آهي، گرفتار جوابدار مفرور جوابدار جو نالو بابر علي ولد شاهد ٻڌايو آهي، جوابدارن وٽان 4 پستول، 5 رائونڊ، 7 موبائيل فون، نقدي ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.