سوڀوديرو ڀرسان ڪمند جي فصل کي باهه، لکين رپين جو نقصان

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو ڀرسان شرپسندن ڳوٺ مھر حسين لاڙڪ ۾ صاحب خان لاڙڪ جي زرعي زمين ۾ بيٺل ڪمند جي فصل کي  باهه  ڏئي ساڙي ڇڏيو. صاحب خان لاڙڪ جو چوڻ هيو ته  ڳوٺ پيالو لاڙڪ جي شرپسندن ماڻھڻ منھنجي زمين ۾ بيٺل 5 ايڪڙ ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي باهہ ڪمند کي چوڌاري وڪوڙي وئي جنھن سبب منھنجو 4 ايڪڙ ڪمند سڙي ويو، منھنجو لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي.باهه کي ڳوٺاڻن گڏجي وسائي ورتو هن جو وڌيڪ چوڻ هيو  ته اهڙو اطلاع سوڀوديرو ٿاڻي تي ڏنو آھي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي. هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو تہ جوابدار گرفتار ڪري سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.