عمران خان جي عزت انهي ۾ آهي ته اسيمبلي اچي: احسن اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي عزت انهي ۾ آهي ته هو اسيمبلي ۾ اچي.

لاهور مان جاري بيان ۾ احسن اقبال چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ شارٽ مارچ بڻجندو پيو وڃي، لاهور کانپوءِ ٻين شهرن به مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان هن لانگ مارچ جي ناڪاري حربن کي ڄاڻي چڪو آهي، ماڻهو گڏ نه هجن ته اهڙي ئي ناڪامي ٿيندي آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان اسيمبلي ۾ اچي عزت انهي ۾ آهي، لانگ مارچ دوران پاڻ ۾ ڇڪ ڇڪاڻ هنن جي مايوسي ظاهر ڪري ٿي.

هن جو چوڻ هو ته ڪيترن ڪلاڪن جي دير کانپوءِ لانگ مارچ ڪجهه ڪلو ميٽر به نه هلي سگھيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.