سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي غير قانوني شڪار تي پهريون ڀيرو وڏو ڏنڊ

جهنگلي جيوت کاتي موجب تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جوابدارن تي غيرقانوني شڪار هيٺ وڏو ڏنڊ ادا ڪيو ويو.

جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين موجب جوابدارن هلندڙ سال جولاءِ ۾ ٿرپارڪر ۾ ست هرڻ ۽ هڪ سهڙ شڪار ڪيو هو، مقامي ماڻهن هرڻ جو شڪار ڪندڙ ٽن شڪارين کي سوگهو ڪيو هو جڏهن ته ٻه شڪاري فرار ٿي ويا هئا.

جهنگلي جيوت کاتي سنڌ وائلڊ لائيف ايڪٽ 2022 تحت ڪيس ڪيو هو.

نئين قانون تحت سنڌ ۾ جهنگلي جانورن جي غير قانوني شڪار تي وڏو ڏنڊ رکيو آهي، ان قانون تحت جهنگلي جيوت کاتي غيرقانوني شڪار تي پهريون ڀيرو 23 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ جي ادائيگي يقيني بڻائي آهي.

ٽي نر، چار مادا هرڻ ۽ هڪ سهڙ جي رت جو اگهه ارڙنهن لک ويهه هزار رپيا رکيو ويو هو، پنجن جوابدارن تي هڪ لک رپيا في ڪس قانون ٽوڙڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.