قانون جا رکوالا ئي قانون ٽوڙڻ لڳا، نشي جي ڌت اهلڪار جي ڇڙواڳي، وڊيو ڏسو

 

ڪراچي (ڪرائم رپورٽر) پوليس جو ڪم عوام جي جان مال جي تحفظ سان گڏ سماجي برائين جو خاتمو به هوندو آهي پر جتي قانون جا رکوالا ئي قانون ٽوڙين ته اتي افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو.

اهڙو ئي ڪجهه ڪراچي جي رسلا ٿاڻي ۾ مقرر پوليس اهلڪار ڪيو آهي، جيڪو ڊيوٽي نشي ۾ دت ٿي ڇڙواڳي ڪندو رهيو.

خالد مگسي نالي اهلڪار جي اهڙي وڊيو ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيڻ کانپوءِ منظر تي اچي وئي آهي، جنهن پوليس کاتي جي ساک تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رسلا ٿاڻي ۾ مقرر اهلڪار ڪلري ٿاڻي جي حدن ۾ ڊيوٽي دوران شراب جي نشي ۾ ڌت نظر اچي رهيو آهي ۽ ڇڙواڳن وانگر بازار ۾ گهمي رهيو آهي.

اهلڪار جي اهڙي ته وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي ماڻهو تنقيد به ڪري رهيا آهن پر سوال اهو ٿو اٿي ته ان خلاف اڃا تائين پوليس اختيارين ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.