ڀيڻ جي عزت بچائيندي نوجوان بي درديءَ سان قتل

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ ڀيڻ کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ تي نوجوان کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو ويو.

مقتول جي عمر 17 سال هئي ۽ واقعي جي وڊيو سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ رڪارڊ ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب فوٽيج ۾ ٽن ڇوڪرن کي هڪ گهٽيءَ ۾ وڙهندي ڏسي سگهجي ٿو، مقتول تي هڪ ڇوڪري چاقو سان ڪيترائي حملا ڪيا.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مزاحمت ڪندڙ ڇوڪري جي ڪرنگهي واري هڏي وٽ چاقو ڦاٿل آهي، هو پنهنجي کيسي مان فون ڪڍي ٿو ۽ نمبر ملائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر ان ئي دوران ڪِري ٿو پئي.

پوليس اختيارين موجب نوجوان تي سندس گهر ڀرسان ان وقت حملو ڪيو ويو، جڏهن هو ڪمپيوٽر ڪلاس وٺي واپس اچي رهيو هو، کيس اسپتال نيو ويو پر تيستائين فوت ٿي چڪو هو.

پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي بالغ ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.