ڪترينا، وڪي ۾ ڇا ڏسي ساڻس شادي ڪئي؟ اداڪارا ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار ڪترينا ڪيف چيو آهي ته سندس سس ان جي ڊائيٽنگ ۾ مدد ڪندي سندس لاءِ ڪم جا کاڌا ٺاهيندي آهي.

مشهور ٽي وي پروگرام ” ڪپل شرما شو “ ۾ ڳالهه ٻول ڪندي ڪترينا چيو ته پهريان منهنجي سسس پراٺا کائڻ لاءِ ضد ڪندي هئي پر جيئن تي هوءَ هاڻ ڄاڻي چڪي آهي ته مان پابندي سان ڊائيٽنگ ڪندي آهيان انڪري هاڻ هوءَ مون لاءِ صحتمند کاڌا تيار ڪندي آهي.

ڪترينا چيوته سندس سس کيس پيار مان ڪِٽو سڏيندي آهي.

ڪترينا ڪيف چيو ته کيس وڪي ڪوشل بابت سڀ کان وڌيڪ سٺي ڳالهه اها لڳي ته هو پنهنجي گهر وارن خاص طور پنهنجي والدين سان سندس رويو هو جيتوڻيڪ ڪجهه شيون مونکي نه آئڙيون پر مونکي احساس ٿيو ته وڪي جيڪا وفاداري، احترام ۽ محبت پنهنجي مٽن مائٽن لاءِ رکي ٿو ائين هو شادي کانپوءِ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن لاءِ هوندو.

واضح رهي ته ڪترينا ڪيف اڄڪلهه پنهنجي فلم ” فون ڀوت “ جي پروموشن ۾ رُڌل آهي ساڻس گڏ ايشان کٽر ۽ سڌانت چترويدي مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.