عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توشه خانه ريفرنس ۾ عمران خان پنهنجي نااهلي خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

عمران خان نااهلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ڪندو.

واضح رهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارو حڪم اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان جي قانوني ٽيم رجسٽرار آفيس جا سمورا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.