سنڌ ڊائيگنوسٽڪ ليب ڄامشورو ۾ بنا اشتهار جي سوين ملازم ڀرتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڊائيگنوسٽڪ ليب ڄامشورو ۾ بنا اشتهار جي سوين ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن.

سنڌ ڊائيگنوسٽڪ ليب ڄامشورو ۾ بنا اشتهار جي 202 ملازمن کي ضابطن خلاف ڀرتي ڪيو ويو.

ڄامشورو يونيورسٽي جي ماتحت اداري ڊائيگنوسٽڪ ليب ۾ پهريون ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيون ويون، بعد ملازمن کي ڇپر ۾ پڪو ڪيو ويو.

ذريعن موجب ايڊمنسٽريٽر سوڌو ٻين عهدن جي چارجز رکندڙ وي سي ڪجهه مهينن لاءِ ڊيلي ويجز تي ملازمن کي ڀرتي ڪيو ۽ ان کانپوءِ بنا اشتهار ۽ انٽرويو جي ملازمن کي پڪو ڪيو ويو.

رپورٽ مان پتو پيو آهي ته مستقل ٿيندڙن ۾ هڪ کان 17 گريڊ جا ملازم شامل آهن، جن کي ڪراچي، ڄامشورو، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ليب اماڻيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.