پنجاب مان پابندي مڙهيل تنظيمن جا 8 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪومبنگ آپريشن ۾ 8 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.

ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ڪومنگ آپريشن ڪندي پابندي مڙيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب 7 ڏينهن دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 387 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا، ڪارروائي دوران 8 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

رپورٽ موجب دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ آپگھات جيڪٽ ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب سمورن جوابدارن کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.